رعد سورة

رعد (سورة): قرآن مجيد جي تيرهون (13) نمبر سورة آهي. هن سورة ۾ ڇهه رڪوع ۽ 43 آيتون آهن. هيءَ سورة رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي مڪي ۾ رهائش وارن آخري ڏينهن ۾ نازل ٿي هئي. هن سورة جي تيرهين آيت ۾ ڪتب آيل لفظ ’الرعد‘ مان هن سورة جو نالو اخذ ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’ڪڪر جي گوڙ‘. آيت نمبر 41 مان خبر پئي ٿي ته ان دور ۾ اسلام پري پري تائين ڪاميابيءَ سان پهتو هو. سورة جي پهرين آيت مان ئي خبر پوي ٿي ته رسول پاڪ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، سو حق آهي. نبي ڪريمصه کي اسلام جي دعوت ڏيندي ڪافي عرصو گذري چڪو هو. مخالف پاڻ سڳورن کي طرحين طرحين تڪليفون ڏئي، سندن مشن کي ناڪام ڪرڻ جون چالون کيڏي رهيا هئا. مسلمانن جي پڻ دلي خواهش هئي ته کين ڪو اهڙو معجزو ڏيکاريو وڃي، جنهن سان سندن دليون قرار وٺن ۽ هو اسلام تي مستحڪم رهن. هن سورة ذريعي الله تعاليٰ مسلمانن کي سمجهايو ته: ”اسان جو اهو طريقو ناهي، جو جيڪڏهن حق جي دشمنن کي ڊگهو رسو ڏنو ٿو وڃي ته توهان گهٻرائجي وڃو.“ هن سورة جو مطلب سورة جي شروع ۾ ئي ٻڌايو ويو آهي ته جيڪا شيءِ نبي ڪريمصه خود پيش ڪري رهيا آهن، سا ئي حق آهي، جيڪي ماڻهو اُن کي نه ٿا مڃين اهي غلط آهن. سڄي سورة انهي مضمون ۽ مطلب تي ٻڌل آهي ۽ مخالفن جي اعتراضن جو جواب بنا ذڪر ڪرڻ جي ڏنو ويو آهي ۽ مختلف طريقي سان توحيد، رسالت ۽ آخرت جي حقانيت ثابت ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ ايمان وارن کي تسلي ڏني وئي آهي، جيڪي سالن جي ڊگهي ۽ سخت جدوجهد کان ٿڪجي پيا هُئا ۽ بي قراريءَ سان ڪنهن غيبي مدد جا منتظر هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو